قوم مون کي تاحيات نااهل قرار ڏيڻ جو فيصلو قبول نه ڪندي: نواز شريف

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي آئين ۽ قانون موجب هلڻ گهرجي. ڪراچيءَ ۾ مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته پاڪستان ۾ انصاف جو مان مٿانهون هئڻ گهرجي ۽ نوجوانن کي روزگار ملڻ گهرجي. هن چيو ته 2013ع ۽ 2017ع جي ڪراچي جو فرق سڀني سامهون آهي. سندس چوڻ هو ته ڪراچيءَ جون روشنيون ۽ خوشيون واپس اچي ويون آهن. نواز شريف چيو ته ڪراچيءَ کي ترقي ڪندڙ شهر هئڻ گهرجي ها، هر طرف گند جا ڍير لڳل آهن. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي، هر شيءَ خراب پيل آهي، شهر کي لاهور وانگر هئڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ تمام گهڻي غربت آهي تعليم ناهي، جيڪڏهن کيس موقعو مليو ته ڪراچي شهر کي دنيا ڏسندي. نواز شريف چيو ته جيڪڏهن هو ڪو واعدو ڪندو آهي ته پورو ڪندو آهي، لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو ۽ اڄ سڄي ملڪ ۾ بجلي فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ بجلي جا ڪيترائي ڪارخانا لڳي رهيا آهن ماڻهن کي روزگار ملي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته پورٽ قاسم ۾ تمام وڏو پروجيڪٽ شروع ٿي ويو آهي. نواز شريف چيو ته 2018ع ۾ جيڪڏهن کيس موقعو مليو ته ڪراچي سميت سڄي ملڪ کي تبديل ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪي پي کي نئون پاڪستان ٺاهيندڙ هلائي رهيا آهن پر بجلي جا ڪارخانا ۽ موٽروي اسان ٺاهي رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته ميٽرو بس کي جنگلا بس قرار ڏيندڙ هاڻي حڪومت جو مدو ختم ٿيڻ تي پاڻ ميٽرو بس جا منصوبا شروع ڪري رهيا آهن. نواز شريف چيو ته مردان ۾ قتل ٿيل عاصمه جي قاتلن کي اڃا تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي، جيڪا افسوس جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته ڪي پي ۾ هڪ ٽڪي جي بجلي پيدا نه ڪئي وئي آهي، چوندا هئا ته 2 ارب ٻوٽا لڳائيندا، مون کي 200 وڻ نظر نه اچي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته مان پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهيس ۽ هڪ فيصلي ذريعي مون کي وزارت عظميٰ تان ڪڍيو ويو. نواز شريف چيو ته هڪ فرضي ۽ خيالي پگهار پٽ کان نه وٺڻ تي مون کي ڪڍيو ويو، هاڻي چونڊن کان پري روڪڻ لاءِ سازشون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته پهريون مون کي ڪڍڻ جو سبب ٻڌايو وڃي پوءِ نااهلي جو مدو طئي ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته قوم مون کي تاحيات نااهل قرار ڏيڻ جي فيصلي کي قبول نه ڪندي. نواز شريف چيو ته پنهنجي اڌ کان وڌيڪ زندگي عوام جي خدمت ۾ گذاري آهي، سياست جي چڱي نموني خبر آهي. هن چيو ته حيدرآباد کان سکر تائين موٽروي به جلد تعمير ڪئي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *