مير هزار خان بجاراڻي جي ملازمن کي رڳو پڇاڳاڇا لاءِ حراست ۾ ورتو ويو: آءِ جي سنڌ

ڪراچي: خميس پهرين فيبروري 2018ع: آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي ۽ سندس گهرواري فريحا بي بي کي لڳل گولين جا خول حاصل ڪيا ويا آهن. اهڙو اظهار هن مير هزار خان بجاراڻي جي گهر  ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مير هزار خان بجاراڻي جي بيڊ روم جو دروازو ٽوڙيو ويو ته  سڀ کان پهريان فريحا بي بي جا ٻار ڪمري ۾ داخل ٿيا. آءِ جي سنڌ چيو ته مير هزار خان بجاراڻي  جي ملازمن کي رڳو پڇا ڳڇا لاءِ حراست ۾ ورتو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *