مير هزار خان بجاراڻي پارٽي جو سينيئر اڳواڻ ۽ اثاثو هو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي: خميس پهرين فيبروري 2018ع: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي سينيئر وزير مير هزار خان بجاراڻي ۽ سندس گهرواري ۽ اڳوڻي ايم پي اي فريحه رزاق هارون جي ڏکوئيندڙ موت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

پ پ پ چيئرمين پنهنجي بيان ۾ چيو ته مير هزار خان بجاراڻي پارٽي جو سينيئر اڳواڻ ۽ اثاثو هو. هن مير هزار خان بجاراڻي جي لاڏاڻي کي پارٽي لاءِ ناقابل تلافي نقصان قرار ڏنو ۽ سوڳوار ڪٽنب سان همدردي جو اظهار ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *