مير هزار خان بجاراڻي ٿڌي طبيعت جو مالڪ هو، آپگهات نٿو ڪري سگهي: منظور حسين وساڻ

ڪراچي: خميس پهرين فيبروري 2018ع: پيپلز پارٽي سنڌ جي سينيئر اڳواڻ منظور حسين وساڻ چيو آهي ته مير هزار خان بجاراڻي ٿڌي طبيعت جو مالڪ هو، هُو آپگهات نٿو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بجاراڻي هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.

هن چيو ته گذريل ڏينهن بجاراڻي صاحب سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ گڏ هو ۽ کل ڀوڳ ڪري رهيو هو، هزار خان بجاراڻي اهڙي مزاج جو ماڻهو ئي نه هو جو هو خودڪشي ڪري، پوليس ۽ ادارا ان معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهن، جاچ مڪمل ٿيڻ بعد خبر پئجي ويندي.

هن وڌيڪ چيو ته هزار خان بجاراڻي سان منهنجو  واسطو 40 سال پراڻو هو، اهو هڪ نيڪ انسان هو ڪڏهن به هن ڪنهن سان غصي ۾ نه ڳالهايو هو. پيپلزپارٽي کي تمام گهڻون ڏک پهتو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *