ڪراچي: صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي ۽ سندس گهر واريءَ جا گوليون لڳل لاش هٿ

ڪراچي( ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي ۽ سندس گهر واري جا گولين لڳل لاش سندن گهر مان هٿ ڪيا ويا. صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي جي گهر واري ۽ سندس گهر واريءَ فريحا رزاق جا لاش ڊفينس جي گهر مان هٿ ڪيا ويا آهن.  مير هزار خان بجاراڻي جي سيڪريٽري ٻنهي جا لاش هٿ اچڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. مير هزار خان بجاراڻي ۽ فريحا رزاق جي مٿي ۾ گوليون لڳل آهن.  مير هزار خان بجاراڻي جي ترجمان تصديق ڪئي ته صوبائي وزير ۽ سندس گهر واري جا لاش مليا آهن. اطلاع ملندي ئي وڏو وزير مراد علي شاهه، گهرو وزير سهيل انور سيال ۽ ٻيا وزير بجاراڻي هائوس پهچي ويا. مير هزار خان بجاراڻي پ پ ۾ ڪيترن ئي عهدن تي مقرر رهي چڪو آهي، جڏهن ته بجاراڻي برادريءَ جو سردار به آهي. پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن مير هزار خان بجاراڻي ۽ سندس گهر واريءَ جي موت بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي.پوليس اختيارين واقعي واري هنڌ جون تصويرون ڪڍي مڪمل طور معائني کانپوءِ لاش اسپتال منتقل ڪرڻ جي اجازت ڏني. مير هزار خان بجاراڻي جو شمار پ پ جي سينئر ترين اڳواڻن ۾ ٿئي ٿو، هو 1990ع کان 1993ع ۽ 1997ع کان 2013ع تائين قومي اسيمبلي جو ميمبر رهيو. 2013ع جي عام چونڊن ۾ مير هزار خان بجاراني پي ايس 16 تان ڪامياب ٿيو ۽ هن وقت وٽس پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جي وزارت جو قلمدان هو.  مير هزار خان بجاراڻي جي گهر واري فريحا رزاق صحافت سان واڳيل رهي ۽ صحافي حلقن ۾ گهڻي مشهور هئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *