سوات: آرمي يونٽ تي حملي ۾ شهيد اهلڪارن جو انگ 11 ٿي ويو

سوات (ويب ڊيسڪ) سوات ۾ آرمي يونٽ تي ٿيل آپگهاتي حملي ۾ شهيد ٿيل سيڪيورٽي اهلڪارن جو انگ 11 ٿي ويو آهي، جڏهن ته زخمي ٿيل 13 ڄڻن جو علاج جاري آهي. ڪبل جي علائقي شريف آباد ۾ موجود آرمي يونٽ جي اسپورٽس ايريا تي ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا، جڏهن ته زخمي ٿيلن کي اسپتال نيو ويو هو، جتي ٻين اهلڪارن به زخمن جي سٽ نه سهندي شهادت ماڻي ورتي آهي. آءِ ايس پي آر 11 سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت جي تصديق ڪئي آهي. ميجر جنرل آصف غفور موجب ڪبل ۾ آرمي يونٽ جي اسپورٽس ايريا ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۾ 11 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا آهن، جڏهن ته 13 زخمي آهن.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *