ڪراچي ۾ پوليس جي ڪارروائي، زاهد لاڏلا گروپ جي ميمبر سميت ڏهه جوابدار گرفتار

ڪراچي شهر جي مختلف علائقين ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس ڪارروائي ڪري لياري گينگ وار جي زاهد لاڏلا گروپ جي راشد بلوچ عرف چڪنا ۽ هڪ عورت ڦورو سميت 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ذريعن مطابق قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بلديه گلشن مزدور ۾ ڪارروائي ڪئي جتي لياري گينگ وار جي زاهد لاڏلا گروپ جي ميمبر راشد بلوچ کي گرفتار ڪيو ويو جنهن وٽان وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ منشيات به هٿ ڪئي وئي. جوابدار گرفتاري کان بچڻ لاءِ ڇت تان ٽپو ڏنو جنهن ڪري سندس ٻئي ڄنگهون ڀڄي پيون.

هوڏانهن لياقت آباد ۾ سپر مارڪيٽ جي ويجهو پوليس ڪارروائي ڪندي عورت ڦورو ۽ سندس ٽن ساٿين کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدار بئنڪ مان رقم ڪڍي نڪرندڙن کان ڦر ڪرڻ سميت گهرن ۾ ڌاڙا هڻڻ جي وارداتن ۾ به ملوث ٻڌايا وڃن ٿا. نيو ڪراچي مان به چئن ڦورن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته شيرشاهه ۾ هڪ ٻارڙيءَ سان زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ 70 سالن جي پوڙهي کي گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪو ٻارڙي جو پاڙيسري ٻڌايو وڃي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *