راڻا ثناءُ الله ختم نبوت صه ڪميٽي آڏو پيش، عقيدي جي وضاحت ڪري ڇڏي

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله پير حميد الدين سيالوي جي جوڙيل ڪميٽي آڏو پيش ٿي ختم نبوت صه بابت پنهنجي عقيدي ۽ موقف کي واضح ڪيو آهي.

رپورٽ موجب راڻا ثناءُ الله لاهور ۾ ختم نبوت صه بابت جوڙيل ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيش ٿيو، اجلاس جي صدارت نظام الدين سيالوي ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ ن ليگ جي اڳواڻن ضعيم قادري، مولانا رحمت الله ۽ ٻين عالمن شرڪت ڪئي.

قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله ختم نبوت صه بابت پنهنجي عقيدي کي واضح ڪندي چيو ته ختم نبوت صه هر مسلمان جي ايمان جو حصو ۽ لازمي جز آهي، ختم نبوت صه ۽ مقام نبي صه جي برخلاف عقيدو رکڻ وارو ڪوبه شخص مسلمان نه ٿو ٿي سگهي.

ڪميٽي قانون واري وزير جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ ختم نبوت صه جي عقيدي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو راڻا ثناءُ الله جي بيان ڪيل موقف کي سيال شريف جي سجاده نشين حميد الدين سيالوي آڏو رکندا جڏهن ته ڪميٽي جا جيڪي ميمبر اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهيا انهن کي به تفصيلن کان آگاهه ڪيو ڪنداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *