ليبيا ۾ حادثي جو شڪار ٿيندڙ ٻيڙي ۾ ٻٽيهه پاڪستاني سوار هئا: پرڏيهي وزارت

 

پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل موجب ليبيا ۾ ٻيڙي حادثي ۾ متاثر 80 کان 90 ماڻهن مان 32 پاڪستاني هئا.

اسلام آباد ۾ هڪ پريس بريفنگ دوران هن ٻڌايو ته پاڪستان مشن جا آفيسر ان ئي ڏينهن حادثي واري جاءِ تي پهچي ويا هئا جن کي ٻڌايو ويو هو ته حادثي ۾ 13 پاڪستاني فوت ٿي ويا آهن.

هن ٻڌايو ته واقعو 31 جنوري تي پيش آيو هو، فوت ٿيندڙن چئن پاڪستانين جي سڃاڻپ اڃان تائين نه ٿي سگهي.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته پاڪستاني شهرين جي ميتن کي واپس آڻن لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، انهن بابت چاڻ پرڏيهي وزارت جي ويب سائيٽ تي دستياب آهي.

هن چيو ته انساني اسمگلر غير قانوني طور تي ٻيڙي جي مسافرن کي يورپ وٺي وڃي رهيا هئا.

ترجمان وڌيڪ چيو ته  لاش واپس آڻڻ لاءِ سفارتخاني کي فنڊز مهيا ڪري ڇڏيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *