چين ۾ مسلمانن تي ڪيتريون ئي پابنديون، برطانيا ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

چين ۾ رهندڙ مسلمانن سان مقامي فوج جي رويي خلاف برطانوي حڪومت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. چين جي صوبي سنڪيانگ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي بنا ڪيس جي حراست ۾ وٺڻ جو معاملو سامهون آيو آهي.

2017ع دوران اپريل جي شروع ۾ به سنڪيانگ صوبي ۾ اسلامي شدت پسندن خلاف مهم تحت اويغور مسلمانن تي نيون پابنديون هنيون ويون هيون ۽ انهن تي ڊگهي ڏاڙهي رکڻ، گهر کان ٻاهر نقاب پائڻ ۽ سرڪاري ٽي وي چينل ڏسڻ جهڙيون پابنديون شامل آهن. 2014ع ۾ رمضان دوران مسلمانن جي روزي رکڻ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي. چين جو الهندو صوبو سنڪيانگ عراق جي گادي جي هنڌ بغداد جهڙو نظر اچي ٿو. اتان جي رهندڙ مسلمانن تي فوج جي سخت نظر رهندي آهي. پرڏيهي انگ اکرن موجب ڪيترن ئي اويغون مسلمانن کي بنا ڪيس جي جيل ۾ وڌو ويو آهي، سوين اويغور مسلمانن جيان عبدالرحمان پنهنجو گهر ڇڏي ترڪي هليو ويو.

سندس چوڻ آهي ته منهنجي ملڪ مان وڃڻ بعد والده ۽ زال کي ڪوبه خطرو نه هئڻ جي اميد هئي، پر آخري اطلاعن موجب منهنجي والده ۽ زال کي جيل ۾ وڌو ويو آهي. صبح کان شام تائين کين هڪ ڪرسي تي ويهاريو ويندو آهي، منهنجي زال جو ڏوهه صرف اهو آهي ته سندس تعلق اويغور برادري سان آهي، جنهن جي ڪري کيس جيل ۾ وڌو ويو آهي، مون کي خبر ناهي ته هو هن وقت زندهه به آهي يا نه. چاهيان ٿو ته چيني حڪومت کين تڪليف ڏيڻ بدران ماري ڇڏي، گولين جا پئسا آئون ڏيندس، چيني حڪومت الزامن جي ترديد ڪئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *