سانگهڙ ۾ رينجرز جي گاڏي سان حادثو، هڪ اهلڪار فوت، چار زخمي

سانگهڙ: سومر 05 فيبروري 2018: سانگهڙ ۾ شهدادپور روڊ تي رينجرز جي گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ سپاهي فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا آهن.

رپورٽ مطابق اهو حادثو شهدادپور روڊ تي الوحيد ڪانٽا جي ڀرسان پيش آيو جنهن دوران رات جو گشت تي موجود رينجرز جي گاڏي روڊ جي پاسي ۾ بيٺل ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجي وئي.

حادثي ۾ هڪ سپاهي عظمت الله فوت جڏهن ته 4 جوان شديد زخمي ٿي پيا. زخمين کي پهريان سانگهڙ اسپتال نيو ويو جتي مناسب علاج جو انتظام نه هجڻ سبب زخمي اهلڪارن کي نوابشاهه ريفر ڪيو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *