حيدرآباد ۾ ڳجهي اطلاع تي پوليس جي ڪارروائي، هڪ گهر مان ٻه بم هٿ، ٻه ڄڻا گرفتار

حيدرآباد پوليس ڳجهي اطلاع ملڻ تي عبدالله ولاز واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي هڪ ڪلاڪ سرچ آپريشن ڪرڻ کانپوءِ 2 بم هٿ ڪندي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ڳجهي اطلاع ملڻ حيدرآباد پوليس عبدالله ولاز واري علائقي ۾ گهر گهر جي تلاشي وٺڻ بعد هڪ گهر مان 2 بم هٿ ڪندي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اطلاع تي رينجرز ۽ پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ ايس پي هيڊڪوارٽر به بم ملڻ واري بنگلي جو معائنو ڪيو. ٻئي طرف بم ملڻ کانپوءِ بم کي ناڪارا بڻائڻ لاءِ بم ڊسپوزل عملي پهچي بم کي ناڪارا بڻائي ڇڏيو آهي. جنهن کانپوءِ ڊي ايس پي قاسم آباد ميڊيا کي ٻڌائيندي چيو ته ڊوائيس ريمورٽ ڪنٽرول بم هٿ آيا، جن کي ناڪارا بڻايو ويو آهي، جن جو 600 کان 700 گرام وزن ٻڌايو پيو وڃي. هن چيو ته هٿ آيل بم ۾ گوليون به استعمال ٿيڻيون به هيون، جيڪي به هٿ آيون آهن، ان سان گڏ ڪتاب ۽ ٻيو سامان مليو آهي.

بم ڊسپوزل اسڪواڊ انچارج رمضان پنهور ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ قاسم آباد ۾ ٿيل ڌماڪي ۽ هن وقت هٿ آيل ريمورٽ ڪنٽرول ڊوائيس تقريبن ساڳي نوعيت جي آهي، جڏهن ته ٽنڊوڄام ۾ ٿيل سائيڪل ۾ نصب ٿيل ڌماڪي ۾ ساڳي طرح جي ڊوائيس استعمال ڪئي وئي هئي.

هوڏانهن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته حيدرآباد پوليس ڪجهه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل هڪ شخص جي نشاندهي تي ڪارروائي ڪئي ۽ ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته هتي رهندڙ ٻن نامعلوم ماڻهن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن گهر مالڪ کي به پوليس حراست ۾ وٺي پڇاڳاڇا شروع ڪري ڏني آهي. بم ملڻ واري هنڌ تي ايس پي هيڊڪوارٽر عبدالله، ايس پي اسپيشل برانچ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اڳواڻن به دورو ڪيو. بم ملڻ واري اطلاع کانپوءِ علائقي ۾ خوف حراس ڇانيل رهيو. پوليس گهر کي سيل ڪري پڪٽ قائم ڪري ڇڏي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *