چيف جسٽس پاران انساني اسمگلنگ جو معاملو اختيارين کي گڏ ويهي حل ڪرڻ جي هدايت

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار انساني اسمگلنگ جو معاملو اختيارين کي گڏجي ويهي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

انساني اسمگلنگ بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران عدالت جي طلب ڪرڻ تي پرڏيهي سيڪريٽري تهمينا جنجوعا ۽ گهرو سيڪريٽري به پيش ٿيا.

عدالت وقت ڪڍي اچڻ تي پرڏيهي سيڪريٽري تهمينا جنجوعا جو شڪريو ادا ڪيو جڏهن ته ان موقعي تي پرڏيهي سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته انساني اسمگلنگ ۾ مافياز جو هٿ آهي، منڊي بهائو الدين، کاريان، گجرات، سيالڪوٽ، جهلم متاثر علائقا آهن.

چيف جسٽس جو چوڻ هو ته چيو ويندو آهي ته پاڻمرادو نوٽيس اسان جو سٺو قدم ناهي، انساني اسمگلنگ جي معاملي تي اختيارين کي پاڻ ڪم ڪرڻ گهرجي ها اسان نوٽيس وٺي غلطي ڪئي آهي ۽ مان هونئن ئي اوهان سان اها ڳالهه شيئر پيو ڪريان.

چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته چيو وڃي ٿو ته حڪومتي معاملن ۾ مداخلت ٿيندي آهي جڏهن ته اسان پاڻمرادي نوٽيس جي اختيار ۾ اهو ڪيس لڳايو آهي. چيف جسٽس بلوچستان کان انساني امسگلنگ ۽ ليبيا ۾ ٻيڙي ٻڏڻي تي به سوال اٿاريو.

سپريم ڪورٽ انساني اسمگلنگ جو معاملو اختيارين کي پاڻ گڏجي ويهي حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 12 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *