ڀارت جو عجيب خاندان جنهن جو هڪ فرد هر سال ٻه فيبروري تي فوت ٿي ويندو آهي

ڀارتي رياست بهار جي شهر پٽنا ۾ هڪ اهڙو خاندان به آهي جنهن جي لاءِ فيبروري مهينو موت جو پيغام کڻي ايندو آهي.

عالمي ميڊيا رپورتن موجب ضلعي سمستي پور جي علائقي مهيش پٽي ۾ رهندڙ روکن رام جي فيملي سان گذريل چئن سالن کان فيبروري جو مهينو حياتيون ڳڙڪائيندڙ ثابت ٿي رهيو آهي.

2015ع کان لڳاتار هر سال ان بدقسمت خاندان جو ڪوبه فرد 2 فيبروري تي موت جي منهن ۾ هليو ويندو آهي.

روکن رام جو چوڻ آهي ته 2015ع ۾ 2 فيبروري تي ان جي خاندان جو هڪ شخص ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويو جنهن جي هڪ سال کانپوءِ ان ئي تاريخ تي 30 سالا رام زندگي جي جنگ هارائي ويو ۽ پوءِ 2017 ۾ ٽن ڀائرن مان سڀ کان وڏو ڀاءُ 35 ورهين جو فيڪن رام فوت ٿي ويو.

هلندڙ سال 2 فيبروري تي ان خاندان جو سربراهه جيڪو روکن رام جو والد آهي اهو به 60 ورهين جي ڄمار ۾ مري ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *